SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Pacta Sunt Servanda

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pacta
  • sunt
  • servanda
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Pacta Sunt Servanda

پيڪتا سنت سرويندا

معاهدن جي پاسداري

بين الاقوامي قانون موجب جڏهن ڪن به ٻن ملڪن جي وچ ۾ ڪو معاهدو يا صلح ٿئي ٿو، ته انهيءَ کي ”مانُ ڏيڻ“ ٻنهي ملڪن جو فرض آهي. ”پيڪتا سنت سروينڊا“ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب: ”سهمتي کي برقرار رکيو وڃي“ آهي. هي هڪ پراڻو اصول آهي ۽ بين الاقوامي معاملن ۾ ٿيندڙ مُختلف معاهدن وقت استعمال ٿئي ٿو. هن اصول هيٺ ڪنهن به ملڪ کي ٿيل معاهدو ختم ڪرڻ يا مِٽائڻ جي اجازت نه هوندي آهي. هن اصطلاح کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد ته بين الاقوامي قانون جي پوئواري ۽ اُن جي اصل روح مطابق عمل درآمد ڪرائڻ هيو. هن اصطلاح موجب، جڏهن ڪو به ملڪ ڪنهن قانوني طور تي تسليم ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، ته ڪافي ملڪ اُن مثال جي پيروي شروع ڪن ٿا، جنهن ڪري بين الاقوامي قانون جي حيثيت ۽ اهميت ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي. بين الاقوامي قانون جي ماهرن وچ ۾ ڪافي عرصو انهيءَ ڳالهه تي بحث مباحثا هليا، ته جيڪڏهن حالتن جي تبديليءَ جي صورت ۾ ڪنهن معاهدي جي ضرورت ئي نه رهي، يا وقت بدلجڻ سان ان ۾ تبديليون اڻ ٽر بڻيل هجن، ته اهڙي صورتحال ۾ هن اصطلاح/ قانون جي حوالي سان ڪهڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن؟ انهيءَ سلسلي ۾ 1969ع ۾ ”معاهدن بابت ويانا ڪنوينشن واري قانون“ (The Vienna Convention on Law of Treaties) تحت يورپي ملڪن جو نمائنده اجلاس منعقد ٿيو. هن ڪنوينشن ۾ ”پيڪٽاسنت سروينڊا“ واري بين الاقوامي اصول تحت معاهدن جي خاتمي، يا انهن کي تبديل ڪرڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويو. ڪنوينشن ۾ شامل سڀني ملڪن طرفان”پيڪٽا سنت سروينڊا“ واري اصول تحت بين الاقوامي معاملن ۾ ٿيل ڪاروهنوار کي تمام گهڻو ساراهيو ويو ۽ انهيءَ اصول کي مستقبل ۾ به جاري رکڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو. البت ان ڏس ۾ اضافي سهڪار پڻ ڏيکاريو ويو، ته ڪنهن به معاهدي جي خاتمي لاءِ، اُن معاهدي جي مڪمل جاچ پڙتال ڪرڻ کانپوءِ، معاهدي جي لاڳو حالتن ۾ اهميت سمجهڻ بعد ئي ڪو مُناسب فيصلو ڪيو وڃي.


Remember Me Also:

تروڪڙي

ث. تِروکڙي ، تلوکڙي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal